صحبت سپرين جي

صحبت سپرين جي

صحبت سپرين جي

صحبت سپرين جي (ڪتاب): هي ڪتاب پير محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ جي ملفوظات جي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن جو ترجمو فقير عبدالرحيم سڪندريءَ ڪيو آهي. ‘ناشر نوٽ’ ابو عمر نذر حسين سڪندريءَ لکيو آهي. ‘مقدمو’ مترجم لکيو آهي.هن ڪتاب ۾ پير محمد راشدرحه جي سوانح حيات ۽ سندس ملفوظات کي پڙهندڙ جي سهولت لاءِ الڳ الڳ عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل جي پير محمد راشدي روضي ڌڻي جي درگاهه ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب مدرسي صبغت الهديٰ، شاهپور چاڪار پاران محمد سليمان نفيس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1994ع ۾ ڇپيو. 244 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب تي ڪا به قيمت ڄاڻايل نه آهي، جڏهن ته قيمت بدران ’دعاءِ خير‘ لکيل آهي. يعني دعا خاطر مفت ۾ ورهايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو